چانسلر (Chancellor)

چانسلر (Chancellor): هيءُ هڪ عهدو آهي، جيڪو اعليٰ عهديدارن، اعليٰ عدالتن جي ججن ۽ انتظامي عملدارن جي لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. جرمنيءَ ۾ رياست جي سڀ کان وڏي وزير کي ’چانسلر‘ چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪنهن بادشاهه يا سفارتخاني جي سيڪريٽريءَ کي به چانسلر چئجي ٿو. آمريڪي يونيورسٽين جي اندر اعليٰ انتظامي عملدار کي به چانسلر جو عهدو مليل هوندو آهي. انگلنڊ ۾ چانسلر يا لارڊ جو عهدو وزيراعظم يا صدر جي برابر هو، پر نئين برطانوي پارلياماني نظام ۾ وزيراعظم جي عهدي کي ان تي برتري حاصل آهي. پاڪستان ۾ سنڌ سميت ٻين صوبن جا گورنر ۽ يونيورسٽين جا چانسلر هوندا آهن. جن جي ماتحت وائيس چانسلر هوندا آهن، جيڪي يونيورسٽيءَ جي اندروني معاملن وغيره جا انتظامي عملدار هوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو